پاڪستانسنڌ

بڪيراشريف لڳ بااثرن وونئڻن جو فصل کيڙائي ڇڏيو، احتجاج

بڪيرا شريف: بڪيراشريف لڳ ڳوٺ دريا خان مسرڪ ۾ بااثر ماڻهن پاران يار محمد مسرڪ جي زرعي زمين تي بيٺل وونڻن جي فصل جي هڪ جريب کي وڍي تباھه ڪيو ويو ۽ فصل کي رات جي پيٽ ۾ کيڙائي ڇڏيو. ان موقعي تي متاثر زميندار يار محمد مسرڪ گهرڀاتين سان گڏجي پنهنجي زرعي زمين تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هن چيو ته ابراهيم مسرڪ، محمد مسرڪ، حسين مسرڪ ۽ واحد مسرڪ مان خطرو آهي، هنن ٻارن جي پيٽ گذر لاءِ فصل به وڍي ڇڏيو. بااثر ٻني ته اچڻ به نٿا ڏين. ٻئي پاسي بڪيرا شريف پوليس اطلاع تي پهچي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. هنن ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button