پاڪستانسنڌ

سنجر چانگ ۾ پيارو لنڊ واسي بيدردي سان قتل، ڪهاڙيون لڳل لاش هٿ

ٽنڊوالھيار/چمبڙ: پيارو لنڊ جي ڳوٺ شاهبيگ مري جو رهواسي 45 ورهين جي نياز محمد پٽ در محمد مري کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جو سنجر چانگ ٿاڻي جي حد بشيرآباد موري لڳ رياڙ فارم سامهون نصير واهه مان 183 آر ڊي وٽان ڪھاڙيون لڳل لاش مليو. اطلاع تي سنجر چانگ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نصير واھه مان لاش ڪڍرائي تحويل ۾ ورتو ۽ رورل هيلٿ سينٽر چمبڙ آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول جي ڀا گل محمد ۽ سئٔوٽ احمد مري صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته نوجوان ڪالھه شام جو گھر اھو چئٔي نڪتو ھو ته دوستن وٽ بڪيرا وڃان پيو، صبح تائٔين نوجوان واپس گهر نه وريو ته اسان ڳولا ڪئي، فيس بڪ تي پوسٽ ڏٺي، جنهن بعد سنجر چانگ پوليس سان رابطو ڪرڻ تي پوليس نياز محمد جي تصوير موڪلي، جنھن ڪري نياز محمد جي مارجڻ جي تصديق ٿي، اسان جي يا اسان جي ڀا جي ڪنهن سان ڪابه دشمني ناھي، ڀا کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، نياز محمد کي 5 ننڍڙا ٻار آهن. هنن گهر ڪئي ته واقعي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي ۽ قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. رابطو ڪرڻ تي ايس اڇ او سنجر چانگ ٻڌايو ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، معاملو ذاتي دشمني جو پيو لڳي، قاتلن کي جلد گرفتار ڪري سزا ڏني ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button