پاڪستانسنڌ

مقصودي رند لڳ پرڻيل جوان عورت آپگهات ڪري ڇڏيو

مقصودو رند: مقصودو رند ويجھو چودڳي اسٽاپ جي رهواسڻ پرڻيل جوان عورت مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو. آپگهات ڪندڙ عورت جي سڃاڻپ 20 ورهين زاهده زال امر چند اوڏ طور ٿي، اطلاع تي پوليس پهچي مڙھه تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ناري جي مڙس امرچند اوڏ جو چوڻ آهي ته 3 سال اڳ اسان جي شادي ٿي، اولاد نه ٿيڻ سبب زال پريشان هئي، جنھن سبب دلبرداشته ٿي هن انتهائي قدم کنيو، جڏھن ته ھڪ پٽ پنهنجن مائٽن کان وٺي نپايو هو، ڪجھه وقت پهرين ان جا مائٽ اهو واپس وٺي ويا، ان ڪري زال وڌيڪ پريشان رهندي هئي، ان ڪري هن آپگهات ڪيو. ٻئي پاسي شاھپور چاڪر پوليس جو چوڻ آهي ته وارث واقعي کي آپگهات قرار ڏئي رهيا آهن، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button