شوبز

سلمان خان مومل جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو؟ جاويد شيخ دلچسپ قصو ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي: پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪار جاويد شيخ کي نه رڳو پاڪستاني انڊسٽري پر بالي ووڊ انڊسٽري ۾ به سڃاتو ويندو آهي، جاويد شيخ بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي خوش اخلاقي ۽ مزاج هو قصو ٻڌايو آهي، پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي اداڪار چيو ته آئون ڌيءَ مومل سان گڏ لنڊن ۾ هڪ ايوارڊ جي تقريب لاءِ ويو هيس. جاويد شيخ چيو ته مومل مون کي چيو ته بابا آئون ٻڌو آهي ته سلمان خان شوٽنگ لاءِ لنڊن آيو آهي، هن کي فون ڪريو ۽ منهنجون ساهڙيون ان سان ملڻ چاهين ٿيون، اسان سلمان جون وڏيون فين آهيون،. جاويد شيخ چيو ته آئون مومل کي جواب ڏنو ته آئون هن کي ڪڏهن به فون نه ڪندس، سوال ئي پيدا نٿو ٿئي پر اتفاق سان ٻن ڏينهن کان پوءِ هڪ مال ۾ ويس ته اتي هڪ دڪان ۾ منهنجي سلمان خان سان ملاقات ٿي،. جاويد شيخ ٻڌايو ته آئون سلمان خان پڇيو ته اوهان هتي ڪيستائين آهيو؟ جنهن تي سلمان چيو ته ڇو ڇا ٿيو آهي؟ آئون چيو ته منهنجي ڌيءَ ۽ سندس ساهڙيون اوهان سان تصوير ڪڍرائڻ چاهين ٿيون. سلمان مون کان پڇيو ته هوءَ هتي آهي؟ جنهن تي آئون چيو ته نه هوءَ اتي موجود ناهي، جنهن تي سلمان چيو ته صحيح آهي مومل کي فون ڪري گھرايو، آئون مومل کي فون ڪيو ۽ چيو ته تون جيڪو چيو هو اُهو ٿي ويو هاڻي اچ،. جاويد شيخ انڪشاف ڪيو ته جيتري دير ۾ مومل ۽ سندس ساهڙيون آيون تيستائين سلمان خان ۽ آئون مال ۾ گھمندا رهياسين، ويچارو ۽ پوءِ جڏهن سڀ آيون ته تصوير ڪڍرايئون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button