پاڪستانسنڌ

بڪيراشريف ۾ مڙس جي زيادتين خلاف عورت جو احتجاج

بڪيراشريف: بڪيرا شريف ۾ درگاھه پاڙي جي رهواسڻ نوشين قمبراڻي، پنهنجي ڀيڻ ۽ مائٽن سان گڏ احتجاج ڪيو. هنن چيو ته ٽنڊوآدم شهر جي رهواسي پنهنجي مڙس جاويد خاصخيلي مون کي زهر ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، 4 ڏينھن گهر اندر بند ڪري وحشياڻو تشدد ڪندو رهيو، 4 ڏينھن مسلسل تشدد ڪرڻ سان گڏ کائڻ پيئڻ لا ڪجهه نه ڏنو، جاويد خاصخيلي فرٽيلائيزر ڪمپني ۾ ڪم ڪندو آهي، جنهن خلاف ٽنڊوآدم سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ وياسين ته ايس ايڇ او ڪيس داخل نه ڪيو. نوشين قمبراڻي احتجاج ڪندي ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button