پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي هائي اسڪول جو تعميراتي ڪم نيٺ شروع

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي ۾ گورنمينٽ بوائز اسلاميه هائي اسڪول زبون هجڻ جون خبرون ميڊيا ۾ اچڻ بعد نيٺ سنڌ سرڪار ۽ تعليم کاتي جي اختيارين هائي اسڪول جي عمارت ٺاهڻ جي منظور ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو ڪم پڻ شروع ڪيو ويو آهي. پراڻي عمارت مان ٽيئر، گارڊر ۽ ٻيو سامان ڪڍيو ويو. ان سلسلي ۾ هيڊماستر ڌڻي بخش لغاري ٻڌايو ته ڪافي سالن کان اسان زبون عمارت ۾ شاگردن کي پڙهائي رهيا هئاسين، “سنڌ ايڪسپريس” اخبار مختلف وقتن تي اسڪول بابت اسٽوريون شايع ڪري واسطيدار ادارن جو ڌيان ڇڪايو، جنهن بعد ٻي ميڊيا به هن مسئلي کي کنيو، ان ڪري هاڻ تعميراتي ڪم شروع ڪرايو ويو آهي، اسڪول مان نڪتل لوهه تي ٻاهرين قوتن جي نظر آهي، پر اسڪول جو پئسو اسڪول تي خرچ ڪندس. هن صوبائي وزير، ڊي سي ٽنڊوالهيار ۽ ايس ايس پي کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ملوث عنصرن کي گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button