اسلام آباد

تحريڪ انصاف سنڌ ۾ اختلاف، حليم عادل ۽ علي جوڻيجو عهدي تان مستعفي

پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ ۾ تنظيمي اختلاف کلي سامهون اچي ويا آهن. پي ٽي آئي سنڌ ڪابينه جي جوڙجڪ جي اعلان سان گڏ ئي استيعفائن جي به لائن لڳي وئي، پي ٽي آئي جي صوبائي ڪابينه ۽ ضلعي عهديدارن جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو هو، ان کان پوءِ ڪيترائي پي ٽي آئي عهديدار پنهنجي عهدن تان استعيفا ڏئي ويا آهن، حليم عادل شيخ نائب صدر جي عهدي تان استعيفا ڏني، علي جوڻيجو به نائب صدر جي عهدي تان استعيفا ڏني آهي، ميرپورخاص ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان اڪبر علي پلهه به استعيفا اماڻي آهي، اڪبر علي کي گذريل ڏينهن عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو، استعيفائن جي متن ۾ لکيو ويو ته مصروفيت سبب عهدي جي ذميواري پوري نه ڪري سگهنداسين، جڏهن ته هڪ ڪارڪن جي حيثيت سان خدمتون جاري رکنداسين. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته استعيفا ڏيندڙ ميمبرن کي سنڌ جي صدر علي زيدي جي پاليسي سان اختلاف آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button