
بيگاري ڪئنال سميت تعلقي جي مختلف شاخن جي کاٽي ڪرائڻ لا ايس ٽي پي پاران مظاھرو ڪيو ويو. ڪارڪنن ميھر خان ديناري، گلمير عمراڻي، اميربخش بروھي جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ميهر خان ديناري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته بيگاري ڪئنال جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري ھميشا پوڇڙي جا آبادگار وقت سر پاڻي نه ملڻ ڪري فصل پوکي نٿا سگھن. ھنن چيو ته بيگاري ڪئنال جي کاٽي لا ايندڙ رقم آفيسر ھڙپ ڪري وڃن ٿا، جنهن ڪري کاٽي نٿي ٿي سگهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته بيگاري ڪئنال جي کاٽ: ڪرائي آبادگارن کي فاقه ڪشي کان بچايو وڃي.