اسلام آباد

سياسي ۽ عسڪري قيادت ياسين ملڪ جي سزا غيرمنصفاڻي قرار ڏئي ڇڏي

ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت ڀارت ۾ ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي ٻڌايل سزا غير منصفاڻي قرار ڏيندي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ ڀارت ۾ ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ کي سزا جي مذمت ڪندي چيو ته اڄ ڀارتي جمهوريت ۽ ان جي نظام انصاف جي لا هڪ ڪارو ڏينهن آهي. هن چيپ ته ڀارت ياسين ملڪ کي جسماني طور تي قيد ڪري سگهي ٿو پر آزادي جي جنهن تصور جي هو علامت آهي ان کي قيد نه ٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته بهادر حريت پسند کي عمرقيد سان ڪشميري جي حق خوداراديت جي جدوجهد کي هٿي ملندي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي شرمناڪ ڪيس ۾ غيرمنصفاڻي سزا جي مذمت ڪندي چيو ته ڀارت ڪڏهن به ڪشميرين جي حق خوداراديت جي لا آواز کي دٻائي نه ٿو سگهجي، پاڪستان پنهنجي ڪشيمري ڀيڻ ڀائرن سان گڏ آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين کي انهن جي جدوجهد ۾ سمورن امڪاني حمايت جو سلسلو جاري رکندو. ڊي جي آ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته پاڪستان من گهڙت الزامن ۾ ياسين ملڪ کي ٻڌايل عمرقيد جي سزا جي مذمت ڪري ٿو. ترجمان پاڪ فوج ياسين ملڪ کي سزا جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙن حربن سان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي، ڪشميرين جي حق خوداراديت سان گڏ آهيون. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قرارداد مطابق ڪشميري عوام جي حق خوداراديت جي مطالبي سان گڏ آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button