اسلام آباد

ڀارتي عدالت ياسين ملڪ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

ڪشيمر جي آزادي پسند اڳواڻ ياسين ملڪ کي ڀارتي عدالت عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ڀارتي عدالت ياسين ملڪ کي 19 مئي تي دهشتگردن جي مالي مدد جي ڪيس ۾ ڏوهاري قرار ڏنو هو. ياسين ملڪ نئين دهلي جي تهاڙ جيل ۾ ڪيئي ورهين کان قيد آهي. نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ غيرقانوني طور تي نظربند ياسين ملڪ کي 1987 ۽ 1988ع ۾ قائم ڪيل ڪوڙن ڪيسن جي شنوائي لا سرينگر جي ٽاڊا عدالت ۾ وڊيو ڪانفرنس ذريعي پيش ڪيو ويو، ڪشمير ميڊيا سروس موجب ياسين ملڪ کي ٽاڊا تحت الزام آهن. ڪشميري آزادي پسند اڳواڻ ياسين ملڪ ڀارتي عدالت ۾ بيان ڏيندي چوڻ هو ته گذريل ڪيئي ڏهاڪن کان گانڌي جي اصولن تي عمل ڪري رهيو آهيان، مان خيرات نه وٺندس اوهان کي جيڪا سزا ڏئڻي آهي ڏيو، جڏهن ته مونکي ڪجهه سوالن جا جواب گهرجن جيڪڏهن مان دهشتگرد هئس ته پوءِ ڀارت جا ست وزيراعظم مون سان ملڻ ڪشمير ڇو ايندا رهيا؟ مان دهشتگرد هئس ته ڪيس دوران مون خلاف چارج شيٽ ڇو نه فائل ڪئي وئي؟ جيڪڏهن مون دهشتگردن جي مالي مدد ڪئي ته وزيراعظم واجپائي جي دور ۾ مونکي پاسپورٽ ڇو جاري ڪيو ويو؟ مان دهشتگرد هئس ته ڀارت سميت ٻين ملڪن ۾ اهم هنڌن تي ليڪچر ڏيڻ جو موقعو ڇو ڏنو ويو. عدالت ياسين ملڪ جي سوالن کي نظر انداز ڪندي چيو ته انهن ڳالهين جو وقت گذري ويو آهي، عدالت چيو ته اهو ٻڌايو ته اوهان ٻڌايل سزا تي ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو؟ جنهن تي ياسين ملڪ چيو ته ڪنهن به پرتشدد سرگرمي ۾ منهنجو ملوث هئڻ ثابت ٿي وڃي ته موت جي سزا قبول ڪندس، مان سزا بابت ڪابه خيرات نه گهرندس، پنهنجو فيصلو عدالت تي ڇڏي ڏنو آهي. ياسين ملڪ جو چوڻ هو ته ڀارتي ڳجها ادارا ڪنهن به دهشتگرد سرگرمي ۾ منهنجو ملوث هجڻ ثابت ڪن ته سياست ڇڏي ڏيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button