پشاور: خيبر پختونخوا جي ناڻي واري وزير تيمور سليم جهگڙا مالي سال 23-2022 جي 1332 ارب ماليت جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي. خيبر پختونخوا اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وزير تيمور سليم جهگڙا سالياني صوبائي بجيٽ پيش ڪندي چيو ته خيبر پختونخوا دهشتگردي جو شڪار صوبو هو پر هاڻي سيڙپڪاري جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، هي اهو ترقي جو سفر آهي، جيڪو خيبرپختونخوا پي ٽي آءِ حڪومت ۾ ڪيو آهي. تيمور سليم جهگڙا ٻڌايو ته ايندڙ مالي سالي لاءِ صوبي جي بجيٽ ۾ هڪ هزار 332 ارب رپيا رکيا ويا آهن، بندوبستي ضلعن جي خرچن جو ڪاٿو 1109 ارب رپيا لڳايو آهي، جڏهن ته ضم ٿيل ضلعن جو خرچ 223 ارب هوندو. هن چيو ته سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 16 ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪري رهيا آهيون، بجيٽ ۾ پگهارن لاءِ 447 ارب 90 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي پينشن لاءِ 107 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close