اسلام آباد

ايمان مزاري خلاف ادارن خلاف ڳالهائڻ وارو ڪيس خارج

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايمان مزاري خلاف ادارن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ جو ڪيس خارج ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. ٻڌڻي دوران ايمان مزاري وڪيل سوڌو عدالت ۾ پيش ٿي، چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ايمان مزاري آفيسر آف ڪورٽ آهي، کيس اهڙا لفظ نه ڳالهائڻ گهرجن ها، ايمان مزاري معذرت ڪري ورتي آهي، هاڻي ڇا چاهيو ٿا؟ دفاعي وزارت جي وڪيل چيو ته ايمان مزاري کي پريس ۾ معافي وٺڻ گهرجي، ايمان مزاري نياڻين جيان آهي پر سندس پُراڻو ڪنڊڪٽ به ڏسڻ گهرجي. عدالت ايمان مزاري جي درخواست منظور ڪندي سندس خلاف ڪيس خارج ڪري ڇڏيو آھي، ايمان مزاري پنھنجي امڙ شيرين مزاري جي گرفتاري بعد ادارن خلاف ڳالھايو ھو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button