سنڌ

بلدياتي چونڊ: اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت کي 23 جون لاءِ نوٽيس

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي بلدياتي چونڊن لاءِ تڪبندين ۽ قانونسازي جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت کي 23 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. هاءِ ڪورٽ بلدياتي چونڊن لاءِ تڪبندين ۽ قانونسازي سان لاڳاپيل ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي درخواست تي شنوائي ڪئي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي طرفان بيريسٽر فروغ نسيم عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ دليل ڏنا ته سنڌ حڪومت هن ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائي چڪي آهي، سموريون سياسي پارٽيون پڻ چونڊون ملتوي ڪرڻ تي راضي ٿي ويون آهن. چونڊ ڪميٽي جا منٽس به جمع ڪرايا ويا آهن. سپريم ڪورٽ مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي. موجوده سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ جي بلڪل خلاف آهي. جسٽس محمد جنيد غفار رمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن کي ٻڌون ٿا انهن کي ته نوٽيس ئي ناهي ٿيو، چونڊن بابت طريقيڪار ته تمام گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي. بئريسٽر فروغ نسيم چيو ته اليڪشن ڪميشن کي تڪ بندين واري قانون کي به ڏسڻ گهرجي، حد بندين بابت ڪميٽي به پنهنجي اختيار کان اورانگيهيو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته توهان اهو فيصلو ايتري دير سان ڇو ڪيو؟ منٽ دير سان ڇو آيا؟ اليڪشن جو عمل اپريل کان جاري آهي. عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي 23 جون لاءِ جواب طلب ڪري ورتو آهي. ٻڌڻي کانپوءِ غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ بئريسٽر فروغ نسيم چيو ته هڪ سليڪٽ ڪميٽي جوڙي وئي هئي، انهن ماڻهن پاڻ ۾ ويهي منٽس ٺاهيا هئا، جنهن ۾ هنن چيو ته آرٽيڪل 140 اي تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو آهي، جيستائين ان تي عمل نه ٿيندو ۽ اليڪشن قانون ۾ ترميم نه ٿيندي تيستائين اليڪشن نه ٿي ٿي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ بئريسٽر فروغ نسيم چيو ته ان جو جواب اليڪشن ڪميشن ڏئي سگهي ٿي ته هو چونڊون ڪرائڻ تي ضد ڇو ڪري رهيا آهي. جڏهن ته تڪبنديون ئي صحيح ناهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button