اسلام آباد

ڪالرا سنڌ مان عالمي سطح تي پکڙجڻ جو خطرو موجود آهي: ڊبليو ايڇ او

صحت جي عالمي اداري پاڪستان ۾ ڪالرا جي وڌندڙ ڪيسن کي ڏسندي خبردار ڪيو آهي ته بيماري سنڌ صوبي مان امڪاني طور عالمي سطح تي پکڙجڻ جو خطرو موجود آهي. صحت جي عالمي اداري تازي ايڊوائزري جاري ڪرڻ جا سبب پيش ڪندي چيو آهي ته ڪيسن جا سڀ کان وڌيڪ متاثر ضلعا ڪراچي شهر ۾ آهن ۽ هڪ صنعتي مرڪز هجڻ سان گڏوگڏ اتي هوائي اڏو ۽ بندرگاهه به آهن، جنهن سبب اتان وائرس وڌيڪ پکڙجڻ جو خطرو موجود آهي. ڊبليو ايڇ او موجب في الحال اسان وٽ بيماري سرحد پار پکڙجڻ جو ڪو ثبوت موجود ناهي پر امڪاني عالمي پکيڙ جو خطرو موجود آهي، ان ڪري ته پاڪستان وٽ سرحدن تي چرپر سان گڏوگڏ وڏيون زميني سرحدون آهن ۽ ڪراچي سميت ڪيترائي وڏا شهري مرڪز آهن. ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان ۾ حد کان وڌيڪ نگراني سان گڏوگڏ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ صحت جي سهولتن تائين پهچ محدود آهي ۽ متاثر علائقا افغانستان ۽ ايران سان سرحد پار کان چرپر ڪندڙ علائقن جي ويجهو آهن. صحت جي عالمي اداري موجب تخت گاهه لاهور سميت پنجاب ۾ هاڻ به ڪالرا جي شڪي ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ خدشو آهي ته آبادي جي ڪثريت سان چرپر سبب اها بيماري ٻين صوبن ۾ پکڙجڻ سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. رپورٽ موجب 27 مئي تائين ٽن صوبن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ ڪالرا جا ڪُل 290 تصديق ٿيل ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ ڪراچي شهر ۾ عوامي پاڻي جي ذريعن (هائيڊرنٽس) ۽ گهرن مان ڪُل 109 نمونن جي جاچ ڪئي وئي آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته انهن مان 71 نمونن جا نتيجا دستياب آهن، جن مان 70 سيڪڙو ۾ وبريو ڪالرا جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو، جڏهن ته ترتيب وار 55 سيڪڙو ۽ 90 سيڪڙو نمونن ۾ ايشريچا ڪولي ۽ ڪولي فورم جي خبر پئي. ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته سنڌ صوبي کانسواءِ بلوچستان جي ٽن ضلعن ۾ 31 تصديق ٿيل ڪيس ۽ 9 فوتگين جو اطلاع مليو آهي، جڏهن ته پنجاب جي ٻن ضلعن ۾ 25 ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي. عالمي اداري موجب ڪالرا آنڊن جو شديد انفيڪشن آهي، جيڪو گدلي پاڻي يا کاڌي ۾ موجود بيڪٽيريا ۽ وائبريو ڪولرا کي کائڻ سان ٿيندو آهي، اهو بنيادي طور تي پيئڻ جي صاف پاڻي تائين اڻ پوري پهچ ۽ اڻ پوري صفائي سان جڙيل آهي. اها هڪ انتهائي خطرناڪ بيماري آهي، جيڪا ڊائريا بڻجي سگهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ بيماري ۽ فوتگيون ٿينديون آهن ۽ اها تيزيءَ سان پکڙجي سگهي ٿي، جيڪڏهن علاج نه ڪيو وڃي ته موتمار ٿي سگهي ٿي. ان وبا جي ردعمل ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي صوبائي صحت کاتن لاڳاپيل ضلعي صحت آفيسن کي هاءِ الرٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، ٽنهي صوبائي کاتن به متاثر ضلعن ۾ وبا جي موجودگي جو باضابطا اعلان ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button