اسلام آباد

اٽو، کنڊ، گيهه، دال ۽ چانور گهٽ قيمت تي فراهم ڪرڻ جو اصولي فيصلو

وزيراعظم شهباز شريف 5 بنيادي ضرورت جون شيون گهٽ قيمتن تي فراهم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي سڄي ملڪ ۾ غريب ۽ پٺتي پيل طبقي کي سبسڊي ڏني ويندي. اٽو، کنڊ، گيهه، دال ۽ چانور جي مارڪيٽ کان گھٽ قيمتن تي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ يوٽيلٽي اسٽورز بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن مفتاح اسماعيل، مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، وزيراعظم خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي قدمن کي ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف غريب ۽ پٺتي پيل طبقي لاءِ وڏي رليف جو اعلان ڪندي چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ 5 بنيادي ضرورت جون شيون گهٽ اگهن تي فراهم ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته وزيراعظم ڪراچي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي نيٽ ورڪ کي وڌائڻ جي به منظوري ڏني. هن چيو ته ڪراچي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جو گهٽ انگ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، يوٽيلٽي اسٽورن جو تعداد وڌائڻ جو جامع پلان ٻن هفتن ۾ پيش ڪيو وڃي، پٺتي پيل طبقي کي هن وقت رليف جي سخت ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت پٺتي پيل طبقن جي رليف لاءِ هر قيمت خرچ ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پٺتي پيل طبقي کي ضرورت جي شين تي رليف ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. شهباز شريف هدايت ڪئي ته سبسڊي جي نظام کي شفاف ۽ ڊجيٽل بڻايو وڃي، مختلف قسم جي سبسڊي گڏ ڪري جامع نظام ٺاهيو وڃي، نظام تحت خاص ڪري پٺتي پيل طبقي کي رليف ڏيڻ کي ترجيح ڏني وڃي، سبسڊي جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ ناڻي واري وزير، صنعت ۽ پيداوار واري وزير ۽ غربت جي خاتمي واري وزير جي تعاون سان حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مهانگائي جو سبب بڻجندڙ اڄ مهانگائي جي نالي تي احتجاجي ڊراما ڪري رهيو آهي. وزيراعظم سان مختلف قومي اسيمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ايم اين اي فقير احمد، امير حيدر هوتي، عائشه رجب علي، شگفته جماڻي، ملڪ سهيل آغا شاهه زيب دراني ۽ سهيل خان شامل آهن، ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ پنهنجي حلقن جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته مهانگائي پيد اڪندڙ اڄ مهانگائي جي نالي تي احتجاجي ڊراما ٺاهي رهيا آهن، اڄ اسان اهو ئي لڻي رهيا آهيون جيڪو عمران خان پوکي ويو هو، اهي ڪنڊا عمران نيازي وڇايا هئا. هن چيو ته آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪرڻيون پئجي رهيون آهن، جلد ئي عوام کي گذريل حڪومت جي آءِ ايم ايف سان معاهدي جي سمورن تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويندو، اسان کي به مهانگائي جو احساس آهي، حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، ايم پي ايز جي تڪن جا ترقياتي مسئلا حل ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button