سنڌ

اڳڙا ڀرسان حاضري تي عدالت ويندڙ 2 ڄڻا قتل،لاش رکي ڌرڻو

اڳڙا ويجهو بهادرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ لعل بخش ڀٽي جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان ٻيهر خوني تڪرار شروع ٿي ويو. ڪالهه صبح جو خيرپور – لاڙڪاڻو روڊ تي حنيف شاهه چوڪ وٽ عدالت حاضري تي ويندڙ ڪمند جي واپاري 36 سالن جي امام بخش ڀٽي ۽ 42 سالن جي جاويد ڀٽي کي تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي علائقي واسين گمس اسپتال پهچايو، جتي ٻنهي ڄڻن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپو ڊاڪٽرن ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا. ياد رهي ته ڏيڍ مهينو اڳ پاڻي جي واري تان جهيڙي ۾ 22 سالن جو منٺار جتوئي قتل ٿي ويو هو. هوڏانهن اطلاع باوجود بهارو پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي. جڏهن ته وارث خيرپور – لاڙڪاڻو بائي پاس تي لاش رکي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ان موقعي تي مقتولن جي وارثن نذير احمد ڀٽي ۽ ٻين چيو ته 10 سال اڳ جتوئي برادري جي ماڻهن اسان جون 3 عورتن اغوا ڪيون هيون، ان کانسواءِ هنن قتلن سميت اسان جا 11 جوان ماريا آهن پر حڪومت اسان جو ڪوبه تدارڪ ناهي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button