اسلام آبادپاڪستان

عمران خان جي ايمانداري جو جنازو نڪري چڪو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: سڌ سماءُ واري وفاقي مريم اورنگزيب چيو آهي ته ٻين کي قانون جو ڀاشڻ ڏيڻ وارو قانون کان ڀڄي رهيو آهي، عمران خان جي حفاظتي ضمانت وٺڻ ۽ شهباز گِل جي آزادي جو مطالبو قانون کان فرار ناهي ته ٻيو ڇاهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جو مقصد ڏڦيڙ پکيڙي هڪ ڀيرو وري معيشت کي تباهه ڪرڻ آهي، فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو آيو ڏوهه ثابت ٿيو، هي اٺن ورهين کان احتساب کان ڀڄندا رهيا، سندس سچائي ۽ ايماندارن جي جنازو نڪري چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن کين فارين ايجنٽ ڊيڪليئر ڪيو آهي. مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عمران خان جي چوري پڪڙي وئي، پنج حلفي بيان ڪوڙا قرار ڏنا ويا، جاچ ادارن جي نوٽيس تي کين چوي ٿو ته پيش نه ٿيندس، عورت جج ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ان معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس نه پيو ورتو وڃي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button