اسلام آبادسنڌ

بي آر ٽي منصوبي ۾ ڪروڙن جي گهپلن جي جاچ شروع،پي ڊي اي عملدار طلب

اسلام آباد : قومي احتساب بيورو (نيب) پشاور ۾ بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) منصوبي جي جاچ تيز ڪري ڇڏي. نيب پشاور ڊولپمينٽ اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جيز سوڌو ڪيترن ئي آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي طلب ڪري ورتو آهي. نيب پاران هدايت ڪئي وئي آهي ته سمورا آفيسر پاڻ پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائين، پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي. نيب نوٽيس موجب وڌيڪ آفيسرن ڏانهن به نوٽيس اماڻيا پيا وڃن، بي آر ٽي منصوبي تي 70 ارب رپين کان وڌيڪ رقم خرچ ٿي. سرڪاري ذريعن موجب خيبرپختونخوا حڪومت کان بي آر ٽي منصوبي جو رڪارڊ گھريو ويو هو جنهن کانپوءِ صوبائي حڪومت بي آر ٽي جو رڪارڊ نيب کي فراهم ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button