اسلام آبادپاڪستان

تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي، ملڪ خاطر 100 وکون اڳتي وڌائي سڀ اختلاف وساري سگهون ٿا:وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي، پاڪستان لاءِ هڪ ڇا 100 وکون به اڳتي وڌائي سگهون ٿا، اسان ملڪ خاطر سمورا اختلاف وساري سگهون ٿا. اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان منهنجي اجازت سان ملاقات ڪئي هئي، تاڙي هڪ هٿ نه پر ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي، پاڪستان خاطر سمورا اختلاف وساري سگهون ٿا، ملڪ جي معاشي بحالي، بقاءَ ۽ سلامتي لاءِ 100 قدم اڳتي وڃڻ لاءِ به تيار آهيون، قومن جي زندگي ۾ اهڙا موقعا ايندا آهن، جڏهن وڏي مقصد لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي آهي پر محسن ڪش شخص سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪنداسين، اليڪشن ٿي ته عوام پنهنجو فيصلو ڏيندي، عمران خان انا پرست، ٺڳ ۽ ڪوڙو شخص آهي، پنهنجي اناءَ لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري سگهي ٿو، پاڪستان جي مفاد سان هن جو ڪجهه اچي نه وڃي. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي ملڪ کي ڏيوالپڻو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڏينهن رات الزام هڻڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، هن کنڊ برآمد ڪري سبسڊي ڏئي ڇڏي، پوءِ کنڊ درآمد ڪئي، اهڙي طرح ڪڻڪ به درآمد ڪئي، غريب عوام جي لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ تي حڪومت جو ڌيان آهي، يورپي ۽ دوست ملڪن جي سفيرن به ان سلسلي ۾ اڄ ملاقات ڪئي آهي، 1800 ارب رپين جو اسان آبادگار پئڪيج ڏنو آهي، خيبرپختونخو لاءِ به اٽي ۽ کنڊ جو انتظام ڪيو آهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ ٻين ملڪن به اسان جي مدد ڪئي آهي پر اڃا اسان کي کربين رپيا وڌيڪ گهربل هوندا، عوام جي دعائن ۽ اتحادي حڪومت جي ڪوششن سان ملڪ صحيح رخ ۾ گامزن آهي ۽ ملڪ جو ڏيوالپڻو نه ٿيندو، جڏهن ته عمران خان ته پوري ڪوشش ڪئي ته ملڪ سريلنڪا بڻجي وڃي، 190 ملين پائونڊ جو هن فراڊ ڪيو، بند لفافي سان ڪابينا جي ميمبرن کان منظوري ورتي. تحفي ۾ مليل گهڙيءَ عمران خان جي نه 22 ڪروڙ عوام جي امانت هئي، ان جو ان کي حساب ڏيڻو پوندو. پاڪ افغان سرحدي صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪ افغان سرحدي ڇڪتاڻ جي معاملي تي غور جي لاءِ فوري اجلاس طلب ڪيو آهي، بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪرڻ جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، افغانستان کان مطالبو ڪيو آهي ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي ڇو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نقصان پهچندو. مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف جي وطن واپسي بابت شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ نواز شريف جا ڪروڙين چاهيندڙ آهن، هو جلد وطن واپس ايندو. هن چيو ته موجوده اتحادي حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته غريب عوام تي ڪنهن به نموني بار نه وڌو وڃي، عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي پهچايو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي ۾ منهنجي خلاف ٻن سالن تائين جاچ ٿيندي رهي، پاناما ۾ نواز شريف جو ڪٿي به نالو نه هو، برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي جي جاچ جو نتيجو سڀني جي سامهون آهي، ڊيلي ميل به مون تي مڙهيل سمورن الزامن تي معافي گهري آهي، اڳوڻي حڪومت شريف خاندان نه پر پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪيس پاناما جو هو ۽ سزا اقامي تي ڏني وئي، ڊيلي ميل غيرمشروط معافي گهري، جڏهن ته عمران خان جي دٻاءُ تي مون تي الزام مڙهيا ويا، سندس الزامن سان ملڪ جي سڄي دنيا ۾ بدنامي ٿي، هن دنيا کي پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان کي امداد نه ڏيو حڪمران کائي ويندا، ڏينهن رات ڪوڙ ڳالهايو ويو جنهن جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، عمران خان ۽ سندن ساٿين الزام لڳائڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو پر ڪو الزام ثابت به نه ڪري سگهيا، عمران خان رڳو گارگند واري سياست کي هٿي ڏني، عمران خان جنهن همراهه تي گهڙي کپائڻ جي دعويٰ ڪندو رهيو ان جي ترديد به سامهون اچي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان آءِ ايم ايف اڳيان پير ۽ کڙيون گسائي ڇڏيون، آءِ ايم ايف چيو ته اوهان ڳالهيون ڪري ڦري ويندا آهيو، مالياتي اداري خبر ناهي ڪٿي ڪٿي آڱوٺا هڻايا، سخت شرطن کانپوءِ آءِ ايم ايف پاڪستان کي قرض ڏيڻ تي راضي ٿيو، اسان رياست کي بچائڻ لاءِ سياست کي قربان ڪيو، اتحادي حڪومت ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، هر روز ملڪ جي ڊيفالٽ جو شوشو ڇڏيو ويندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button