پاڪستانخيبرپختونخوا

ٻوڏ متاثر آخري گهر آباد ٿيڻ تائين سک سان نه ويهنداسين:وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هي سياست جو نه ڏکويل انسانيت جو هٿ جهلڻ جو وقت آهي، جيستائين ٻوڏ متاثر آخري گهر آباد نٿو ٿي وڃي تيستائين سک سان نه ويهنداسين، سرندي وارا به اڳتي اچي متاثرن جي مدد ڪن. هو خيبر پختونخوا جي ٻوڏ متاثر ضلعن چارسدا، نوشهرا ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. چارسدا اسپورٽس ڪامپليڪس جي امدادي ڪئمپ ۾ وزيراعظم کي ٻوڏ جي صورتحال ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته نوشهرا، چارسدا ۽ ٻين علائقن ۾ ٻوڏ جي پاڻي تمام گهڻي تباهي آندي آهي، خيبر پختونخوا ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 242 ماڻهو فوت ۽ سوين زخمي ٿيا آهن، ڪالام، دير، سوات، ڪوهستان ۽ ٻين علائقن ۾ طوفاني برساتن سبب درياهه جي ڪناري عمارتون ۽ هوٽل پاڻي ۾ لڙهي ويا، بيٺل فصلن کي نقصان پهتو آهي، لکين گهر جزوي يا مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن، رستا ۽ پليون وهي ويون آهن، گذريل 30 سالن ۾ ايتري گهڻي برسات ناهي ٿي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي، پاڪ فوج سان گڏجي امداد ۽ بحالي جو ڪم ڪري رهيون آهن، سنڌ ۾ شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻي، نئون ديرو ۽ ٻين علائقن ۾ هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي، بلوچستان ۾ نصيرآباد، قلات، قلعا سيف الله، چمن ۽ ٻين علائقن سميت ڏکڻ پنجاب ۾ به ٻوڏ تمام گهڻي تباهي آندي آهي، وفاقي حڪومت متاثرن جي فوري مدد لاءِ هيل تائين 28 ارب رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي 25- 25 هزار رپيا ورهايا پيا وڃن، بلوچستان ۽ سنڌ سان گڏوگڏ خيبرپختونخوا ۾ به ان جي شروعات ٿي وئي آهي. هن چيو ته نوشهرا جي امدادي ڪئمپ ۾ خوراڪ ۽ علاج سميت سمورين سهولتن جو انتظام ڪيل آهي، چارسدا ۾ به دوائون، خوراڪ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، پاڪ فوج 2 لک ماڻهن کي هيليڪاپٽر ۽ ٻيڙين ذريعي محفوظ جڳهه تي پهچايو آهي، پلين ۽ رستن جي بحالي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته تمام جلد ڪوهستان، ڪالام، سوات ۽ دير جو به دورو ڪندس، هي وقت ڏکويل انسانيت جو هٿ جهلڻ جو آهي، اسان کي محنت سان پنهنجو حق ادا ڪرڻو آهي، متاثر علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويندو، سمورا اتحادي گڏجي متاثرين جي گهرن کي آباد ڪندا ۽ آخري گهر آباد ٿيڻ تائين سک سان نه ويهنداسين. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته سرندي وارن ماڻهن کي به مصيبت ۾ ورتل ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ انهن لاءِ خوراڪ، دوائن، خيمن ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي ۾ تعاون ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button