لاهور ۾ سنڌي شاگردن پاران سنڌي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪندي ريلي ڪڍي وئي. سنڌ اسٽوڊنٽس چيپٽر لاهور طرفان ايوان اقبال کان پريس ڪلب لاهور تائين ثقافتي ريلي ڪڍي وئي. علي قريشي، عاقف سومرو، وقار چاچڙ ۽ بابر سومرو جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۾ لاهور جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن سندن بلوچ، پنجابي، پختون توڙي سرائيڪي شاگردن جن کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پهريل هئا وڏي انگ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ “جيئي سنڌ، جيئي لطيف ۽ ڀوتارڪو نظام-نامنظور” جي نعرن جي گونج رهي. اڳواڻن علي قريشي، عاقف سومرو، وقار چاچڙ ۽ ٻين چيو ته سنڌ جا نوجوان ٻين قومن جي نوجوانن کان ڪنهن به صورت تعليمي ميدان ۾ گهٽ ڪونه آهن، سنڌ جا نوجوان باشعور با ڪردار آهن ۽ سماج کي بهتر بڻائڻ جو جذبو رکن ٿا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close