پنجاب جي اينٽي ڪرپشن کاتي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي ويجهي دوست فرح گوگي خلاف زمين تي قبضو ڪرڻ وارو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو آهي. فرح خان عرف فرح گوگي تي فيصل آباد ۾ غيرقانوني طور 10 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرائڻ جو الزام هو، جنهن لا هن پنهنجي ۽ ماءُ جي نالي سان ڪمپني پڻ ٺاهي هئي. ذريعن موجب فرح گوگي خلاف ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ جاچ فيصل آباد مان لاهور منتقل ڪئي وئي هئي، جنهن بعد اڳوڻي ڊي جي منظور ناصر جاچ دوران فرح گوگي کي بيڏوهي قرار ڏنو ۽ ڪيس خارج ڪرڻ لاءِ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي حڪم جاري ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close