ڪڙيوگھنور ويجھو ڳوٺ پٽيل راشي ڪولھي مان گھوٽڪي مزدوري لاءِ ويندڙ پورھيتن جي سوزوڪي تيز رفتاري دوران نوشهروفيروز ويجھو ٽائر برسٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 45 سالن جي رامي زال منرو ڪولھي ۽ 23 سالن جو نوجوان پٽ رميش ڪولھي موقعي تي فوت ٿي ويا. جڏهن ته نانڪ رام، ٿانور، انجلي، جھيڻي، راجڪمار، شوڀو ڪولھي، منرو ڪولھي سميت 10 کان وڌيڪ پورهيت زخمي ٿي پيا، جن مان ٻن ڄڻن ٿانور ڪولھي ۽ نانڪ رام پٽ منرو ڪولھي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين ڪراچي ريفر ڪيو ويو. جڏهن ته فوتين جا مڙهه نوشهروفيروز کان ڪڙيوگھنور لڳ ڳوٺ پٽيل راشي ڪولھي پھچايا ويا، جتان ھڪ ئي وقت ماءُ ۽ نوجوان پٽ جا جنازا کڄڻ تي گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو، جڏهن ته افسوسناڪ حادثي ۾ ماءُ ۽ پٽ جي فوت ٿيڻ جي خبر پوڻ تي علائقي ۾ ڪهرام مچي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close