سنڌ

دادو ۾ زيادتي الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او جي گهر تي چڙهائي،چڪريون

سيوهڻ ۾ نينگر سان زيادتي الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او پير الهبچايو هٿ نه آيو ته سيوهڻ ۽ دادو پوليس ايس ايڇ او ۽ سندس ڀاءَ جي گهر کي گهيري هيٺ آڻي عورتن کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، وارثن ۽ علائقي واسين پوليس جو گهيراءُ ڪري ورتو. خبر موجب سيوهڻ ۾ نينگر سان زيادتي الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او گرفتار نه ٿي سگهيو، رات دير سان سيوهڻ ۽ دادو پوليس ايس ايڇ او ۽ سندس ڀاءَ جي گهر تي چڙهائي ڪري سرچ آپريشن ڪيو، ايس ايڇ او هٿ نه آيو ته پوليس واپس موٽي وئي، ٻيهر منجهند ڌاري سيوهڻ ۽ دادو پوليس وڏا اٽالا ساڻ ڪري ايس ايڇ او ۽ سندس ڀائرن جي گهر کي گهيري هيٺ آڻي ليڊيز پوليس سان گڏ عورتن کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران وارثن ۽ علائقي واسين جون پوليس سان چڪريون پڻ ٿيون، علائقي واسين ۽ وارثن پوليس خلاف احتجاج ڪندي پوليس خلاف شديد نعري بازي ڪئي ۽ گهر آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي، جتي وڏي تعداد ۾ علائقي واسي، سول سوسائيٽي جا نمائندا ۽ وارث ويهي رهيا، منجهند کان رات دير تائين پوليس ۽ علائقي واسين ۾ چڪرين جو سلسلو جاري رهيو، وارثن دانهيو ته الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او گهر ۾ نه هجڻ بابت پوليس ٻه ڀيرا سرچ آپريشن ڪري چڪي آهي، هاڻي ٻيهر ڊي ايس پي سٽي عبدالخالق وڳڻ جي اڳواڻي ۾ سيوهڻ ۽ دادو پوليس گهرن جو گهيراءُ ڪري عورتن کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن چيو ته نينگر سان زيادتي جي ميڊيڪل پڻ اچي وئي آهي، جنهن ۾ زيادتي نه هجڻ جي تصديق ٿي آهي، ان باوجود به جيڪڏهن ايس ايڇ او ڏوهاري آهي ته ان خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن چيو ته ڪهڙي قانون تحت پوليس اسان جي عورتن کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي. هنن چيو ته سيوهڻ ۽ دادو پوليس سياسي ماڻهن جي ونگار وهي رهي آهي. هنن چيف جسٽس سنڌ کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي اهڙي عمل جو نوٽيس وٺي سيوهڻ ۽ دادو پوليس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، آخري اطلاع تائين سول سوسائيٽي، علائقي واسي ۽ وارثن پاران گهر آڏو پوليس خلاف احتجاجي ڪئمپ جاري هئي، ٻئي طرف پوليس جا وڏا اٽالا علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ويٺل هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button