سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ واپاري جو بااثر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي ڪنگا باءِ پاس علائقي واسي واپاري بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي واپاري نظير احمد عباسي دانهيندي الزام لڳايو ته ڪجھه ڏينهن اڳ علائقي جي بااثر عبدالغني بروهي عرف چيف مينگل پنهنجي هٿياربند ساٿين سان گڏجي دڪان تي چڙهائي ڪري مونکان 40 لک ڀتو طلب ڪيو، انڪار تي هن مونکي سخت تشدد ڪندي اغوا جي ڪوشش ڪئي پر مزدورن ۽ علائقي واسين جي اچڻ تي مونکي ڇڏيو ويو ۽ منهنجي دڪان ۾ پيل 5 لک روڪ رقم بااثر کڻي کڻي ويو. اهڙي واقعي جي اين سي ڪنگا ٿاڻي تي خلاف داخل ڪرائي، پر پوليس هن وقت تائين بااثرن خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر ڀتا خور عبدالغني عرف چيف مينگل ۽ سندس ساٿين خلاف ڪارروائي ڪري ڦريل رقم واپس ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button