سنڌ

ڳڙهي ياسين واسي نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ گل محمد جعفري واسين ڪجھه ڏينهن اڳ قتل ٿيل نوجوان عبدالحئي جعفري جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مقتول جي ما ڪزبانو جعفري پنهنجي مائٽن زينت خاتون، مائي پيران، امداد علي جعفري، قربان علي جعفري، عبدالغفور، جانب علي جعفري ۽ ٻين سان صحافين آڏو دانهيندي چيو ته فتح محمد جعفري وارن سان پراڻو زمين جو تڪرار هلندڙ آهي، معذور نوجوان پٽ عبدالحئي جعفري 6 ڊسمبر تي شڪارپور جي عدالت مان حاضري بعد موٽرسائيڪل تي واپس ڳوٺ اچي رهيو هو ته رستي ۾ کيس غلام نبي جعفري، فيرو جعفري، فتح محمد، معشوق، الھڏاتو، پناهھ جعفري، طارق ۽ چاڪر جعفري قتل ڪري ڇڏيو، ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو، پر پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو، جيڪي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button