سنڌ

لاڙڪاڻي ويجهو شرپسندن سارين جي ديري کي باهه ڏيئي ڇڏي، متاثرن جو مظاهرو

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ نور محمد جاگيراڻي ۾ نامعلوم شرپسندن ان جي ديري کي باهه ڏئي لکين روپين جي ماليت جون ساريون ساڙي ڇڏيون، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملي جي دير سان پهچڻ تي آبادگار جي سڄي سال جي محنت ۽ ٻچڙن جي روزي سڙي وئي. باهه واقعي خلاف متاثر ڌر جي علي گل جاگيراڻي، علي جان جاگيراڻي، غلام سرور جاگيراڻي، سهراب خان جاگيراڻي، اسحاق جاگيراڻي سميت ٻين نامعلوم شرپسندن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي متاثرن ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات 12 وڳي ڌاري اسان پنهنجن ستا پيا هئاسين ته اچانڪ باهه جا شعلا نظر آيا، گهر کان ٻاهر نڪري ڏٺوسين ته اسان جي 16 جريب سارين جي ديري کي باهه لڳل هئي، جنهن بعد اسان فوري طور فائربرگيڊ عملي کي فون ڪئي، جنهن جي اچڻ ۾ ٻه ڪلاڪ لڳي ويا تيستائين اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جو ڪوشش ڪئي پر باهه جا شعلا آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا ۽ فائر برگيڊ عملي جي پهچڻ تائين ساريون سڙي رک ٿي ويون. هنن چيو ته اسان جي سڄي سال جي محنت ۽ ٻچڙن جي روزي سڙي وئي جڏهن ته اسان جو گذر سفر به اهو ئي آهي. هنن چيو ته اسان کي خبر ناهي ته ڪنهن اسان سان دشمني ڪئي آهي، اسان ڪنهن کي باهه ڏيندي ناهي ڏٺو. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وزير اعلى مراد علي شاهه سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي ڪا سرڪاري نوڪري يا ڪو ٻيو ڪاروبار ناهي اسان بي پهچ ۽ غريب هاري آهيون، گذر سفر ان ئي پوک تي هوندو آهي، جيڪا ظالمن ساڙي ڇڏي آهي، جنهن ڪري هاڻي اسان سخت پريشان آهيون. اسان سان ٿيل ظلم ۽ ويڌن جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏنو وڃي ۽ اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي ته جيئن پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ گذران ڪري سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button