سنڌ

لاڙڪاڻو شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي:مولانا راشد محمود سومرو

جمعيت علماءِ اسلام صوبي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد خالد محمود سومرو، مولانا ناصر محمود سومرو جي ھدايتن تي لاڙڪاڻي ۾ گندگي جي آزار ختم ڪرڻ لاءِ شهر جي يو سي 11 ۾ صفائي مهم 5 ڏينهن به جاري آهي. ان حوالي سان مولانا راشد محمود سومرو جو چوڻ آهي ته اڄ لاڙڪاڻي جو علائقو حڪمران پارٽي جي اڳواڻ جو چونڊيل حلقو نه پر ڪو غير علائقو نظر اچي رهيو آهي، لاڙڪاڻي جي يوسي 11 جي صفائي بلدياتي نظام جي خاتمي بعد صفائي بلڪل به ناهي ٿي، اسان پوري لاڙڪاڻي جي عوام لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. مولانا ناصر خالد محمود سومرو چيو ته پيپلزپارٽي جي تعصباڻي پاليسين ڪري لاڙڪاڻو تباہه ٿي چڪو آهي. لاڙڪاڻي ڪچري جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. گندگي جي ڍير ۽ گندي پاڻي ڪري نياڻين، ٻارن سميت مردن ۽ عورتن کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن ۽ لاڙڪاڻو موهن جي دڙي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳائي عوام کان سياسي انتقام وٺي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button