سنڌ

شاهبندر جي سامونڊي ٻيٽ تي حاجي ابراهيم شاهه واڙي جو ميلو شروع

شاهبندر جي ساحلي ٻيٽ تي لڳندڙ حاجي ابراهيم شاهه واڙي جي سالياني ميلي ۾ مختلف سامونڊي تڙن تان هزارين مريد، عقيدتمند هوڙن ۽ لانچن ۾ سوار ٿي درگاهه تي پهچڻ شروع ٿي ويا. درگاهه تي پاڪ نيوي ۽ سنڌ پوليس پاران سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا. درگاهه تي نون جوڙن دھل ۽ شرناين سان پڙ کڻي چادرون چاڙھي پنھنجي نئين زندگي جي شروعات جون دعائون گهريون. جڏهن ته نوجوانن درگاھه تي حاضري ڀري سکاۂون باسيون. ميلي ۾ ثقافتي راند ملاکڙو ٿيو، جنھن ۾ پھلوانن ۾ ملهه ۽ ملاکڙي جا مقابلا ٿيا. راڳ رنگ جي محفل ۾ فنڪارا آخري صنم ۽ رضيه راڻي فن جو مظاھرو ڪري زائرين کي جهومائي ڇڏيو، جڏهن ته لانچن ۽ ھوڙن جي ريس جا مقابلا ٿيا. ميلي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، مسافر خانون، واش روم سميت سمورين بنيادي سهولتن جي کوٽ هئي. درگاهه جي خليفي بابو سمون چيو ته هي ميلو پاڻي جي وچ ۾ لڳي ٿو، اسان وٽ وسيلا ناهن جون زائرين لا سهولتون مهيا ڪري سگهون. اسان ضلعي انتظآميا کان مطالبو ٿا ڪريون ته درگاهه تي بنيادي سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button