سنڌ

دوداپور ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو جيڪب آباد پوليس خلاف احتجاج

دوداپور ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جيڪب آباد پوليس خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نورجهان ڪوري، وزيران ڪوري ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو. نورجهان ڪوري ٻڌايو ته جيڪب آباد پوليس مڙس کي ڪال ٽريسنگ جي سلسلي ۾ گهرائي گرفتار ڪيو آهي. پوليس منهنجي مڙس عبدالستار ڪوري کي چار ڪلو گرام چرس لڳائي گرفتاري ظاهر ڪئي آهي. منهنجو مڙس غريب ۽ شگر جي مرض ۾ مبتلا آهي، جيڪو ٽيڪسي ڪار هلائي گهر جو گذر سفر ڪندو آهي. هن ڊي آ جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته ڪوڙي چرس جي ڪيس ۾ گرفتار عبدالستار ڪوري تي داخل ڪيس جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button