سنڌ

ڳاڙهو ۾ ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو

ڳاڙهو شهر ۾ اينگرو يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. آبادگار ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي آبادگارن حاجي اميد علي خاصخيلي، محمد رحيم ملاح، رستم خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪري مک چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. هنن دانهيندي چيو ته ڊيلرن اينگرو يوريا جا هٿ ٺوڪيا اگهه مقرر ڪيا آهن، جنهن خلاف اسان دانھن ڪئي ته يوريا جي ذخيره اندوزي ڪري وئي آهي، زرعي دوائون، ٻج، غير معياري ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي، جنهن ڪري زراعت تباهه ٿي رهي آهي. ان موقعي ڀاڻ جي ڊيلرن امداد خواجا، حاجي صديق ميمڻ ٻڌايو ته اسان جي ايجنسي رد ڪئي وئي آهي، ڪراچي جا وڏا ڊيلر کين 2500 روپيا في ٻوري وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري سنڌ حڪومت کي انهي ڏس ۾ تحرڪ وٺڻ گهرجي. ٻئي طرف آبادگارن جو چتا ڏنو ته احتجاج جو نوٽيس نه ورتو ويو ته ڌرڻو هڻي ٺٽو روڊ بلاڪ ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button