رانديونسنڌ

پاڪستان ٽي 20 سيريز ۾ ويسٽ انڊيز کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

ڪراچي: پاڪستان ويسٽ انڊيز کي آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. پاڪستان 208 رنسن جو وڏو هدف سولائي سان 19هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. محمد رضوان 87 ۽ بابر اعظم 79 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. قومي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سڀ کان وڏو هدف حاصل ڪيو آهي. ان کان اڳ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي ويسٽ انڊيز ٽيم مقرر اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 207 رنسون ٺاهيون. مهمان ٽيم جي ڪپتان نڪولس پوران بهترين بيٽنگ ڪندي 64 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته بروڪس 49 ۽ ڪنگ 43 رنسن جي اننگز کيڏي. پاڪستان طرفان محمد وسيم 2 ۽ شاهنواز ڏاهاڻي هڪ وڪيٽ ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button