پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ سي جا سٽڪا،بلوچستان مان ايندڙ ٿڌيون هوائون گهلڻ لڳيون

اسلام آباد :سنڌ ۾ ڊسمبر دوران سي جا سٽڪا، بلوچستان مان ايندڙ ٿڌين هوائن سبب ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت وڌائي ڇڏي. بلوچستان جي اتر اوڀر پاسي هلندڙ هوائن سبب ڪراچي جي مجموعي پارو گهٽجي ويو. ڪالهه منجهد جو موسم صاف رهي ۽ اُس نڪتي پر شام جو ٿڌيون هوائون گهليون، جن جي رفتار 30 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ هئي. موسميات کاتي موجب ايندڙ ٽن ڏينهن دوران موسم خشڪ ۽ رات جي وقت ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جو امڪان آهي، ان دوران گهٽ کان گهٽ پارو 11 کان 9 ڊگري جي وچ ۾ رهي سگهي ٿو. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته خميس ڏينهن شهر جو گهٽ ۾ گهٽ پارو 11، جڏهن ته وڌ کان وڌ 24 ڏهائي 5 رڪارڊ ٿيو، اولهه سلسلي سبب ٿڌ جي شدت هڪ هفتي تائين برقرار رهي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button