پڊعيدن ۾ جسقم ڪارڪن رستم شر جي گهر تي پوليس جي چڙھائي، 2 عورتون ۽ کير پياڪ ٻار کڻي وئي. پڊعيدن ويجهو ڳوٺ ارباب شر ۾ جسقم ڪارڪن رستم شر جي گهر تي نوشھروفيروز ۽ پڊعيدن پوليس رات دير سان چڙھائي ڪري رستم شر جي گهر واري، ڀاڄائي ۽ 2 مهينن جي کير پياڪ ٻار کي کڻي وئي، پوليس 2 ڏينهن اڳ به اهڙي ڪارروائي ڪري عبدالرحمان شر، غلام مجتبي ۽ عبدالهادي کي گرفتار ڪري کڻي وئي هئي. پڊعيدن پوليس موقف ڏيندي چيو ته اسان اهڙي ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آھي ۽ نه ئي اسان کي خبر آھي.
واقعي خلاف جسقم، جساف ۽ شر ڌر جي اڳواڻن سنڌو چوڪ کان پريس ڪلب پڊعيدن تائين ريلي ڪڍي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پوليس خلاف نعريبازي ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي شاھنواز سنڌي، اشرف لغاري، اشفاق ديشي، الطاف سولنگي، مختيار بڙدي، امجد شيخ، ثنا الله لاشاري، آفتاب بڙدي، سارنگ بڙدي، غلام شبير شر، طالب شر، عبدالوھاب شر، انعام گل مري، الطاف انصاري، معشوق لاشاري، امتياز شر، صدام چانڊيو ۽ ٻين چيو ته پڊعيدن پوليس جسقم جساف ڪارڪن رستم شر جي گھر تي بنا جواز چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري غلام مجتبى شر، عبدالرحمن شر، عبدالھادي شر ۽ رستم شر جي زال صوبيه شر، ڀاڄائي شھزادي شر ۽ رستم شر جي اڍائي مھينن جي پٽ سنڌيار شر کي گرفتار ڪيو آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جسقم ڪارڪن رستم شر جي فيملي کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي. ن
وشهروفيروز ۾ سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سڏ تي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ساگر وسطڙو، عزيز ڀنگر، عرفان وسطڙو، فرمان وسطڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي. اڳواڻن چيو ته سنڌ اندر اڳ نوجوانن کي اغوا ڪري گم ڪرڻ سميت انهن جا چچريل لاش ڏنا ويندا هئا، هاڻي ته مائرن، ڀينرن، ونين ۽ معصوم ٻارڙن کي کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي، هنن چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ ڏوهه آهي ته پوءِ سنڌ جي لکين نوجوانن مٿان ڪيس داخل ڪيا وڃن، کنڀي گم ڪيلن جو نوٽيس وٺي سندس بازيابي لا قدم کنيا وڃن.
هوڏانهن سنڌ سڀا، جيئي سنڌ تحريڪ ۽ ايس يو پي اڳواڻن انعام سنڌي، سورهيه سنڌي، مشتاق بڙدي، نياز حسين پنهور ۽ ٻين سٽي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته قومپرست اڳواڻ رستم شر جي گهر مٿان پوليس چڙهائي ڪري سندس زال، ڀاڄائي ۽ کير پياڪ ٻار کڻي گم ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا، پوليس جي پوليس گردي خلاف اسان سڀ گڏ آھيون، پوليس اهلڪار گهرن مان پيتون ڀڃي بسترا ۽ ٻيو سامان ڪڍي گهر يرغمال ڪيو ويٺا آھن. هنن چيو ته رستم شر جي زال، ڀاڄائي ۽ معصوم ٻارڙي کي آزاد نه ڪيو ويو ته قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو.