سنڌ

ايم ڪيو ايم پاران بلدياتي قانون ۾ ترميم لا احتجاج جو چتا

ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي پاران بلدياتي قانون ۾ ترميمن ۽ شهري مسئلن جي حل لا صنعتڪارن ۽ واپاري سميت عوامي سطح تي احتجاج جو چتا ڏيندي چيو آهي ته بلدياتي قانون ۾ سنڌ جي شهرن جا مسئلا حل ڪرڻ لا اختيار گهري رهيا آهيون، جنهنڪري پ پ جي حڪومت خوفزده ٿي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم پاران صنعتڪارن، واپاري ۽ دڪاندار تنظيمن جي عهديدارن تي مشتمل “شهري ڪانفرنس” دوران ڳالهائيندي ڪيو. ڪنور نويد جميل چيو ته پ پ حڪومت سنڌ جي شهري علائقن سان تعصباڻو رويو ختم ناهي ڪيو، شهري علائقن مان ڪامياب نه ٿيڻ ڪري ٻين طريقن تحت پاليسيون بڻائي فتح ڪرڻ چاهين ٿا. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، نوابشاهه جو حق گهرڻ ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button