سنڌ

مذهبي جماعتون چونڊن ۾ گڏجي حصو وٺن:ابوالخير محمد زبير

جمعيت علما پاڪستان (نوراني) گروپ جي سربراهه ڊاڪٽر ابوالخير محمد زبير چيو آهي ته سنڌ سميت ملڪ جون مذهبي جماعتون ايڪي ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪندي ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺن. اهڙو اظهار هن حيدرآباد پريس ڪلب جي نيو آڊيٽوريم هال ۾ انجمن طلبا اسلام پاران تجديدي عهد وفا “علامه شاهه احمد نوراني صديقي ۽ علامه مولانا جميل احمد نعيمي” جي ياد ۾ ڪوٺايل ميڙاڪي کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته قائد اهلسنت علامه شاهه احمد نوراني جون دين ۽ ملڪ لاءِ بيشمار قربانيون آهن، علامه شاهه احمد نوراني نسلي سياست جي خاتمي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون، جنهن کي وساري نٿو سگهجي. هن چيو ته علامه مولانا جميل احمد نعيمي سڄي ڄمار دين جي خدمت ۾ گذاري ۽ هزارين شاگرد پيدا ڪيا. هن چيو ته سنڌ ۾ نسلي بنيادن تي سياست کي هٿي ڏني پئي وڃي، جيڪا تباهيءَ طرف وٺي وڃي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button