سنڌ

خانپورمهر ۾ ڀاڻ جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو

خانپورمهر ۾ يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف جميعت علما اسلام تعلقي خانڳڙھه پاران مدرسه دارالعلوم حماديه کان مختيارڪار خانڳڙھه جي آفيس تائين ريلي ڪڍي مختيارڪار آفيس جي گيٽ اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي حافظ نصراللہ گبول، دودو مھر، امين گڏاڻي، حاجي سيف الله مهر، سردار ملڪ، صديق گڏاڻي، جميل مهر ۽ ٻين چيو ته خانپورمھر ۾ عام آبادگار لا يوريا ڀاڻ اڻلڀ آھي، ڊيلر ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪري رھيا آھن، يوريا ڀاڻ جا ڊيلر بليڪ تي ۽ من پسند ماڻھن کي ڏئي رھيا آھن، خانپورمهر ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ انتظاميا ملوث آهي، احتجاج ڪندڙن چيو ته ڊي سي گھوٽڪي يوريا ڀاڻ مقرر اگھه تي وڪرو جا اسٽال لڳائڻ جو اعلان ڪيو ھو پر اھي اسٽال ڪٿي لڳل آھن ڪا خبر ناھي، جي يو آءِ پاران لڳل ڌرڻو ٻن ڪلاڪ جاري رهيو، جنهن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھه نعيم احمد سھتو جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button