قاضي احمد ويجهو نواب ولي محمد جي ڪچي واري علائقي مرزا پور ٿاڻي جي حد ديهه ٻنڀائي ۾ زمين تي قبضي خلاف متاثر ڳوٺاڻن ۽ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن پاران قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو. نواب ولي محمد ۾ مختلف برادري ڀنڊ، سنگراھه، سيد، ڪلهوڙا، اوٺا، ٻگهيا ڌر جي ماڻهن جي زمينن تي بااثرن پاران قبضي خلاف متاثر ڳوٺاڻن 42 هين ڏينهن به نيشنل هاءِ تي معصوم ٻارڙن، عورتن سميت سياسي سماجي اڳواڻن ايس يو پي جي سيد زين شاهه، ايس ٽي پي جي ضلعي صدر نثار ڪيريو، رفيق ملاح ، جسقم جي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، علي رضا خاصخيلي، سرفراز ميمڻ، پي ٽي آئي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالوحيد انڙ، سنڌ عوامي سٿ جي سرواڻ ناليوارو شاعر مهر ڊٻائي، ن ليگ اڳواڻ نازو ڌاريجو، پ پ شهيد ڀٽو جي غازي نجيب چانڊيو، جي يو آئي جي مولانا احسان الله چانڊيو سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته پوليس جا وڏا اٽالا نواب ولي محمد شهر کي سڄو ڏينهن ڪڙو چاڙهي بيٺل رهيا، انتظاميا پاران نيشنل هاءِ وي بند هجڻ ڪري گاڏين جو روٽ تبديل ڪيو ويو. ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ حاجي ڀنڊ، مهدي ڀنڊ، معشوق ڀنڊ، زمان سنگراهه، شفيع محمد ڪلهوڙو، حاجن ڀنڊ ۽ ٻين چيو ته زرداري هائوس سان تعلق رکندڙ الياس زرداري، محسن زرداري، عابد زرداري پوليس جي مدد سان اسان جي زمينن تي قبضو ڪري زرداري شڪار لاءِ ڪيٽي ٺاهڻ ٿا چاهين، اسان ٽن پيڙهين کان آباد آهيون، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي هاري حقوق تحت زمينون الاٽ ڪيون آهن، جن تي زرداري ڌر سان تعلق رکندڙ ماڻهن پوليس ۽ هٿياربندن جي مدد سان قبضو ڪيو آهي.
هنن چيو ته جيستائين پوليس ۽ هٿياربند زمينن تان اٿاريا نه ٿا وڃن ڌرڻو جاري رهندو. جڏهن ته ڌرڻي ۾ ڳالهين لاءِ پهتل ڊي ايس پي قاضي احمد ارباب سومرو ۽ مختيارڪار قاضي احمد عبدالشڪور سولنگي کي سيد زين شاهه ڳالهائڻ کان انڪار ڪندي موٽائي ڇڏيو، سيد زين شاهه چيو ته ڪچي ۾ مختلف برادري جي ماڻهن جي زمينن تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، 42 ڏينهن کان احتجاج ڪندڙ ماڻهن وٽ ڪوبه چونڊيل نمائندو يا ضلعي انتظاميا مان لڙي نه آيو، هنن چيو ته قبضا خورن سان ايس ايس پي نواب شاهه امير سعود مگسي ٻٽ بڻيل آهي. پوليس جي مدد سان قبضو ڪيو ويو آهي، متاثر ماڻهن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سندن زمينن تي قبضو ڪيو ويو آهي، زمين متاثر ڳوٺاڻن حوالي ڪري داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ ڌرڻو جاري رهندو. جڏهن ته رات دير تائين ڌرڻو جاري هو، جتي مظاهرين روڊ تي شاميانا لڳائي سخت سردي ۾ معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سان گڏ رات روڊ تي گذارڻ جو اعلان ڪيو. ڌرڻي ۾ ويٺلن کي سرديءَ کان بچائڻ لاءِ ھنڌ بسترا گھرائي شاميانا ۽ تنبو پڻ هنيا ويا آهن، ٻئي پاسي ڌرڻي سبب ٽريفڪ متبادل رستن سان گذاري پئي وڃي.