سنڌ

وڇڙي ويل ڪردارن جو ادب، سياست لاءِ وڏو پورھيو آھي:محمد علي مانجهي

ٺٽي ضلعي جي وڇڙي ويل امر ڪردارن ڪامريڊ صديق پکيئڙو، صحافي شھيد يار محمد جلالاڻي، اديب ۽ شاعر محسن عباسي، ڪھاڻيڪار رسول بخش درس، قانوندان لکانو بھراڻي، قومپرست اڳواڻ شفيع محمد ڪرناڻي، شاعر سرور دائودپوٽو، اداڪار ۽ ھدايتڪار ھارون جاکرو، سنڌو درياهه جي بحالي جي پھرين شھيد طاھرہ شاهه، فيض محمد بلوچ ۽ ليکڪا ريحانه شفاعت جي ياد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽو ۽ شھيد شاهه عنايت ادبي فورم پاران پريس ڪلب ٺٽو ۾ ميڙاڪو ٿيو. ان موقعي تي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجھي چيو ته وڇڙي ويل ڪردارن جو سنڌ جي ادب، سياست، صحافت لاءِ وڏو پورھيو آھي، کين سنڌ ھميشہ ياد رکندي. جيئي سنڌ محاذ (سھتو) جي چيئرمين صوفي حضور بخش چيو تہ شھيد يار محمد جلالاڻي گھڻ رخي شخصيت ھو، ھُن پنھنجي سياسي ڪيريئر جو آغاز پيپلز پارٽي کان ڪيو ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿي ته کيس ھڪ ڪوڙي ڪيس ۾ جيل ۾ واڙيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button