پڊعيدن ۾ جسقم ڪارڪن رستم شر جي گهر تي پوليس چڙهائي ڪري 2 عورتن ۽ معصوم ٻارڙي کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف ڪراچي، حيدرآباد، پڊعيدن، نوشهروفيروز، ڦلجي اسٽيشن، ڪڙيو گهنور ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب پڊعيدن ۾ جسقم ڪارڪن رستم شر جي گهر تي پوليس چڙهائي دوران کنڀي گم ڪيل رستم شر جي زال، ڀاڄائي ۽ معصوم سنڌيار جي بازياب نه ٿيڻ خلاف ڪراچي ۾ سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سارنگ جويي، مرڪزي فنانس سيڪريٽري ۽ وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ جي قائم مقام ڪنوينر سھڻي جويو، ڪراچي ڊويزن جي جوائنٽ سيڪريٽري ياسين جھلڻ، سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن جي ڊپٽي چيف آرگنائيزر جانڻ، ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي بلوچ وائيس فار مسنگ پرسنس جي وائيس چيئرمين ماما قدير بلوچ، پي ٽي ايم جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر محمد شير خان، ايس يو پي اڳواڻ اسير بشير شر جي والد عبدالرزاق شر، جساف اڳواڻ ماجد اوڳاھي، ايڊووڪيٽ عمير خواجا، سياف اڳواڻ جلال محمود شاھه، اياز لھر، جسقم، عوامي ورڪرز پارٽي ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. اڳواڻن چيو ته رياستي ادارن بيحيائي ۽ دھشتگردي جي انتھا ڪري ڇڏي آھي جو پڊعيدن مان قومي ڪارڪن رستم شر جي ٻن مھينن جي ابھم ٻار، سندس گھرواري، ڀاڄائي، ڀيڻ، ڀاءُ ۽ سئوٽن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي. رياست ۽ ان جي ادارن سموريون اخلاقي حدون اورانگھي ڇڏيون آھن، جيڪا ڳالھه ھاڻي برداشت جوڳي ناھي، سنڌ سجاڳي فورم حيدرآباد طرفان پريس ڪلب حيدرآباد سامهون ايڊوڪيٽ محب آزاد لغاري، فقير شبير لغاري، هالار رتڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. پڊعيدن ۾ سنڌ سڀا، جسقم جساف، سول سوسائٽي ۽ شر ڌر جي ماڻهن سنڌو چوڪ کان پڊعيدن نصرت ڪئنال پل تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. جنهن سبب نوشهروفيروز کان نوابشاهه ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون، ڌرڻي ۾ شريڪ اڳواڻن انعام عباسي، سورهيه سنڌي ۽ ٻين چيو ته پڊعيدن پوليس 2 ڏينهن اڳ چڙھائي ڪري جسقم ڪارڪن جي زال، ڀاڄائي ۽ کير پياڪ سنڌيار کي گرفتار گم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ڪٿي به آئين يا قانون ۾ لکيل ناهي، پڊعيدن پوليس جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ڌرڻو 6 ڪلاڪ تائين جاري رهيو، ان دوران ايس ايڇ او دريا خان مري ڌرڻي جي جا تي پهچي ويو، جسقم ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن ڳالهين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته جيستائين عورتون ۽ ٻار بازياب نه ڪيا ويندا، نصرت ڪينال پل تان ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو. ٻئي پاسي نوشھروفيروز ۾ جسقم ڪارڪنن پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري بک ھڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي وئي. ان موقعي تي اشرف لغاري، شاھنواز سنڌي، اشفاق ملڪ، عزيز ڀنگوار، عابد ابڙو، عرفان مگسي، ضمير سھتو، ساگر وسطڙو، شرجيل تڳر، مزمل ڀٽو، حبيب الله مھر، شھباز جمالي ۽ ٻين چيو ته رياست بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي، قومي ڪارڪنن تي بلاجواز چڙھايون ڪري حراسان ڪيو پيو وڃي. ڦلجي اسٽيشن ۾ جسقم ۽ ايس ٽي پي پاران شهيد فاضل راهو چوڪ کان حيدر چوڪ تائين ريلي ڪڍي ايوان صحافت اڳيان مظاهرو ڪيو، جنهن جي اڳواڻي محمد رمضان پنهور، عرفان راجپوت، لالا ظهير سومرو، مظهر جهتيال، زاهد شاھه، سليم اختر پنهور ۽ ٻين ڪئي. ڪڙيوگھنور ۾ جسقم ڪارڪنن شڪيل نظاماڻي، عظيم سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جي ايم سيد چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب ڪڙيوگھنور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن بعد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close