سنڌ

حيدرآباد ۾ ريشم گهٽي ۽ ٻين بازارن جي پورهيتن جا حددخلين خلاف مظاهرا

حيدرآباد جي مشهور ريشم گهٽي سميت مختلف بازارن مان حددخليون ڄاڻائي اسٽال کڻڻ خلاف سوين پورهيتن بلديا اعليٰ حيدرآباد خلاف ڪوهنور چوڪ، حيدرچوڪ، ڪمشنرهائوس ۽ پريس ڪلب سامهون ڌار ڌار مظاهرا ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي محمد عمران راجا، عمران غوري، محمود ۽ ٻين چيو ته ريشم گهٽي ۾ عام ٽريفڪ جي ڪا به آمد درفت ناهي، ان باوجود عدالتي حڪم جي آڙ ۾ ريشم گهٽي ۾ روزگار ڪندڙ پورهيتن جا اسٽال پٽي 10 ڏينهن کان بيروزگار ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته ريشم گهٽي ۾ 50 سالن کان اسٽال لڳائي روزگار ڪري رهيا هئاسين پر اسسٽنٽ ڪمشنر شهر مان حددخليون ختم ڪرڻ بدران ڪاروباري ماڻهن جا اسٽال پٽي انهن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ روزگار ڪرڻ به نٿو ڏنو وڃي، جنهن ڪري مالي پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button