سنڌ

ايل ڊي اي ملازمن جو شهيد راڻي جي ورسي تي مزار آڏو پاڻ ساڙڻ جو اعلان

لاڙڪاڻي ۾ ايل ڊي اي ملازمن 24 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف 12 ڏينهن به احتجاج جاري رکندي جناح باغ چوڪ وٽ قائم ڪيل احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي ممتاز لغاري، عاشق مغيري، اختر سنديلو، صدام شاهه، مسعود ابڙو، مير خان جتوئي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو لاڙڪاڻي جي ترقي لاءِ قائم ڪيل لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي اداري کي پيپلز پارٽي جي موجوده سنڌ حڪومت مڪمل طور تي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي صدر آصف زرداري جي دور ۾ بحال ڪيل ايل ڊي اي کي هن وقت تائين فعال نه ڪيو ويو ۽ نه ئي اداري جي باقائدا بجيٽ آهي، جنهن ڪري اسان ملازمن کي پگهارن لاءِ هميشا رلايو پيو وڃي، 24 مهينن کان اداري جي 270 کان مٿي ملازمن کي پگهارون نه ملڻ سبب خاندان بک ۽ بدحالي جي ور چڙهيل آهن، پگهارون نه ملڻ خلاف اسان جناح باغ وٽ 12 ڏينهن کان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري بک هڙتال ڪري رهيا آهيون پر افسوس جو سنڌ حڪومت ۽ پ پ پ جو ڪو نمائندو اسان وٽ لڙي نه آيو. خدارا اسان جي ٻچڙن تي رحم کائي ايل ڊي اي کي بحال ڪري پگهارون ٽريزري ذريعي ڏئي رهيل پگهارون جلد جاري ڪري فاقاڪشي بچايو وڃي. ٻي صورت ۾ 27 ڊسمبر شهيد راڻي جي ورسي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزار اڳيان پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button