سنڌ

لاڙڪاڻي واسين جو وياج خورن ۽ پوليس جي ڏاڍ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي ڀينس ڪالوني واسي بي اي سي جي شاگرد فدا حسين جوڻيجو پنهنجي ڀاءُ غلام رسول جوڻيجو، سئوٽ اعجاز جوڻيجو ۽ ماسات آصف جوڻيجو سان گڏجي لاڙڪاڻث پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو ته 19 ڊسمبر تي رحمت پور ٿاڻي جي ايس ايڇ او سعيد احمد جماڻي، پوليس اهلڪار غلام سرور لاشاري ۽ نامعلوم اهلڪار علائقي جي بااثر وياج خورن مختيار علي ميراسي ۽ منصور علي ڦلپوٽو جي چرچ تي گهر ٻاهران بيٺل منهنجي پورهيت ڀاءُ منٺار جوڻيجو کي گرفتار ڪري ويا آهن. ايس ايڇ او کيس آزاد ڪرڻ لاءِ 30 هزار گهريا، رقم ڏيڻ باوجود ڀاءُ کي آزاد نه ڪيو ويو. هن چيو ته ايس ايڇ او ڏينهن جي وقت ڀا کي ٿاڻي کان ڪنهن نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ۽ رات جو هن کي ٿاڻي تي آندو ويندو آهي. اهڙيون شڪايتون پوليس عملدارن کي لکت ۾ ڪيون آهن. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثر وياج خورن ۽ پوليس خلاف ڪارروائي ڪري منٺار جوڻيجو کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button