سنڌ

لاڙڪاڻي پوليس جي ڳوٺ وڏا مهر تي چڙهائي، گهر ڊاهي پٽ

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ وڏا مهر ۾ 10 ڏينهن اڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ اي ايس آءِ مظفر حسين کوسو ۽ پوليس اهلڪار نواب علي جتوئي شهيد ٿي ويا هئا، جنهن واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ ضلعي جي پير شير، باقراڻي، بقاپور، شهيد الاهي بخش سيال ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس انسپيڪٽر ميران خان دراني، ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي، ايس ايڇ او حسين بروهي، ايس ايڇ او عرس نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس جي وڏن اٽالن سان گڏجي جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڳوٺ وڏا مهر تي چڙهائي ڪئي، جتي پوليس طرفان ڪجهه ڳوٺاڻن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، جڏهن ته پوليس پاران ميڊيا کي ڪوريج کان روڪيو ويو. جڏهن ته پوليس طرفان ڪا گرفتاري عمل نه اچي سگهي. پوليس موجب شهيد اي ايس آءِ ۽ پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ اهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button