سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پراڻي تڪرار تان ڏنڊا ۽ سروٽا هڻي نوجوان عورت قتل

لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد بيت المال ڪالوني ۾ بااثرن پراڻي تڪرار تان 22 سالن جي شادي شده عورت سلمه خاتون زال فرحان کوکر کي مبينا طور ڏنڊا ۽ سِروٽا هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا جنهن کان پوءِ وارثن زخمي عورت کي کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن پاران عورت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. ان موقعي تي مقتولا عورت جي مڙس فرحان کوکر ٻڌايو ته اسان جو پنهنجي ئي برادري جي بااثرن سان گهرو مسئلو هلندڙ آهي جنهن معاملي تان اڄ برڪت علي کوکر، نور خاتون کوکر ۽ ٻين گهر ۾ گهڙي ڏنڊا ۽ سِروٽا هڻي منهنجي گهر واري سلمه خاتون کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هن مطالبو ڪيو ته گهرواري جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي پوسٽ مارٽم بعد مقتولا جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button