سنڌ

آئي جي سنڌ ڳڙهي خدابخش پهچي جلسي جي سيڪيورٽي جو جائزو ورتو

شهيد بينظير ڀٽو جي 14 هين ورسي جي موقعي تي جلسي جي سيڪيورٽي جو جائزو وٺڻ لا آ جي سنڌ مشتاق احمد مهر ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي ويو. آءِ جي سنڌ شهيد راڻي بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو سميت ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪئي، جنهن بعد ورسي جي حوالي سان سيڪيورٽي معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ اسٽيج توڙي جلسي گاهه سميت پارڪنگ ايرياز ۽ مزار جي ٻاهران سيڪيورٽي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو. ان کانسوا نئون ديرو ۽ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ ٻاھرين ضلعن کان ايندڙ پوليس نفري جي رھائش واري اسڪولن جو دورو ڪيو ۽ ھيٺين عملدارن کي سي سبب ڊيوٽي ڏيندڙ اھلڪارن جو خيال رکڻ جي سختي سان ھدايت ڪئي، جنهن بعد مزار اندر قائم ڪيئر ٽيڪر آفيس ۾ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي توڙي ڊپٽي ڪمشنر سان گڏجاڻي ڪري سيڪيورٽي جا تفصيل معلوم ڪيا. جتي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ، ايس ايس پي عمران قريشي، ايس پي اسپيشل برانچ ۽ ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو آءِ جي سنڌ کي ورسي جلسي جي سيڪيورٽي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. آءِ جي سنڌ جلسي گاهه ۾ اسٽيج جي سيڪيورٽي توڙي سي سي ٽي وي مانيٽرنگ روم جو جائزو ورتو. جتي آءِ جي مشتاق مهر ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي هدايتون ڏيندي چيو ته جلسي ۾ سڄي ملڪ مان لکين ماڻهو شريڪ ٿيندا، ان لاءِ سيڪيورٽي انتظام پهرين کان وڌيڪ بهتر ۽ سخت ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button