سنڌ

جيڪب آباد ۾ جسقم جو بشير خان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

جسقم ٺل پاران شھيد بشير خان قريشي ۽ شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف ڪامريڊ لياقت علي سرڪي، عرض محمد سرڪي ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شھيد بشير قريشي ۽ شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڦاھي جي سزا ڏني وڃي. شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي بيگناهھ قتل ڪرايو ويو پر افسوس آھي جو قتل ۾ ملوث جوابدارن کي اڃان تائين سزا ناھي ملي سگھي. ھنن چيو ته سنڌ جي وسيلن جي حق جي ڳالهه ڪرڻ تي بشير خان قريشي کي شھيد ڪيو ويو پر ان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس اڃان تائين گرفتار ناھي ڪري سگھي. شھيد بشير خان قريشي ۽ شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سنڌ جا اصلي سپوٽ ھئا، سنڌ سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ بشير خان قريشي ۽ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي قتل ڪرايو ويو. ھنن مطالبو ڪندي چيو ته شھيد بشير خان قريشي ۽ شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button