سنڌ

قمبر ضلعو 17 سال گذرڻ باوجود بنيادي سهولتن کان محروم

قمبر ضلعي کي بحال ٿيندي 17 سال گذري ويا پر ضلعو بنيادي سهولتن کان اڄ به وانجهيل آهي. ضلعي جي بحالي واري جدوجهد ۾ شهيد ٿيندڙ 4 شهيدن جي 17 هين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. شهرين ڌار ڌار جلسا ۽ ريليون ڪڍيون. شهري اتحاد، شهري ايڪشن ڪاميٽي ۽ ضلعو سينگاريو جدوجھد ڪاميٽي پاران شهيد ناصر خانزاده، شهيد رياض ٻرڙو، شهيد مدد علي مگسي، شهيد عبدالفتاح تنيو جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي فاتح خواني ڪرائي وئي. شهري اتحاد پاران اسلم تنيو، علي جان مگسي، عبدالشڪور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ريشم گلي بازار کان ريلي ڪڍي مختلف بازارن جو گشت ڪيو ويو. شهري ايڪشن ڪاميٽي پاران شهر جي مک ڀٽو چوڪ تي جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن کي عبدالمجيد سومرو، نذير احمد تنيو، محمد علي هڪڙو، سيد اخلاق شاهه، سيد ذوالفقار علي شاهه، سراج چانڊيو، عذير گل جاگيراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته ٽيون پروگرام ضلعو سينگاريو جدوجھد ڪاميٽي پاران پريس ڪلب چوڪ تي منعقد ڪيو ويو، جنهن کي رياض گل لاکو، لالا واجد گوپانگ، ساجد انصاري ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ضلعي کي ٺهندي 17 سال گذري ويا پر ضلعي اندر هن وقت به بنيادي سهولتون موجود نه آهن، صحت ۽ تعليم واري شعبي ۾ ضلعي کي مسلسل نظرانداز ڪيو ويو آهي، ضلعي جي بحالي واري جدوجهد ۾ شهيد ٿيل ناصر خانزاده ۽ رياض ٻرڙو کي اعلانيل سرڪاري نوڪري هن وقت تائين ملي ناھي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button