پاڪستانسنڌ

ڪوٽ غلام محمد ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ خلاف مظاهرو

ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ غلام محمد ۾ نقلي ٻج ڀاڻ، جعلي دوائن جي آزار سميت ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ ۽ سياسي سماجي اڳواڻ افتخار احمد قائمخاني سميت ٻن صحافين مقبول دل توڙي پرويز لغاري ڪيس داخل ڪرڻ خلاف آبادگارن، جماعت اسلامي ف، ايم ڪيو ايم پاڪستان، عوامي تحريڪ، هاري تحريڪ ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن، شهرين ۽ صحافين آبادگار محبوب احمد کيڙو، عبدالستار خاصخيلي، اڳوڻي ناظم آبادگار ناظم اميرحسن قائمخاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري مين روڊ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت توڙي انتظاميا جي بي ڌياني سبب سنڌ سميت تعلقي ڪوٽ غلام محمد جي ذراعت تباهي ڪناري پهچي وئي آهي، هتي هڪ طرف پاڻي جي هٿراڌو کوٽ آهي ته ٻئي پاسي جعلي ٻج، ڀاڻ ۽ دوائن جي وڪري زراعت کي تباهھ ڪري ڇڏيو آهي، ڀاڻ کي غائب ڪري بليڪ تي 2900 سئو رپين ۾ وڏي منٿن سان ملي رهيو آهي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن جعلي ڀاڻ، ٻج ۽ دوائون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته تحريڪ هلائينداسين. هوڏانهن آبادگارن محبوب کيڙو، ايس ٽي پي اڳواڻ ضمير لغاري، اميرحسن قائمخاني، حامد رائو، ڊاڪٽر نورمحمد خاصخيلي، مولانا عمير آرائين، ميان امجد سعيد آرائين ۽ ٻين زميندار افتخار احمد قائمخاني ۽ ٻن صحافين مقبول دل توڙي پرويز لغاري تي داخل ڪيس ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button