سنڌ

آصف زرداري شهيد بينظير جي ورسي واري جلسي ۾ شرڪت نه ڪندو

اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اڄ شهيد بينظير ڀٽو جي چوڏهين ورسي ۾ شرڪت نه ڪندو. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد بينظير جي ورسي واري جلسي جي انتظامن جو جائزو وٺڻ کانپو ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آصف علي زرداري کي صحت اجازت نٿي ڏي، ته هو هن هيڏي وڏي جلسي ۾ شرڪت ڪري، ان ڪري هو جلسي ۾ شرڪت نه ڪندو، هيل ورسي تي هر سال کان وڌيڪ ماڻهو جلسي ۾ شرڪت ڪندا. شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 14 هين ورسي جلسي جي انتظامن جو حتمي جائزو وٺڻ لاءِ سنڌ جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جي ورکا ڪري فاتحه خواني ڪئي. شهيدن جي مزارن تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاقي حڪومت ٻين صوبن ۾ ته ڪم ڪري ٿي پر سنڌ ۾ صرف خالي اعلان ڪري ناليون ۽ گٽرن جا ڍڪ لڳائڻ چاهي ٿي، وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي اوهان کي ڪي پي ڪي جي چونڊن ۾ ئي خبر پئجي وئي هوندي ته کين عوام ڪيترو چاهي ٿو. مراد علي شاهه چيو ته گرين بس سروس 16 اربن کان شروع ٿي جيڪا هن وقت 35 ارب روپين جي ٿي وئي آهي پر پوءِ به هن وقت تائين پروجيڪٽ مڪمل ناهي ٿي سگهيو، مان چاهيان ٿو ته گرين بس سروس واري اسڪيم جلد شروع ٿئي ۽ عوام کي فائدو پهچي، وڏي وزير چيو ته ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ کان ريڊ لائن بس سروس شروع ڪرڻ لاءِ قرض ورتو پر وفاقي حڪومت جي ڪري اهو مونجهارن جو شڪار ٿي ويو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت کان پڇيو وڃي ته هنن کي اليڪشن ڪنهن کٽرائي ۽ هاڻي ٻيهر ڳڻپ ڇو ٿي رهي آهي، ملڪي صورتحال کي ڏسندي افسوس پيو ٿئي، وفاقي حڪومت ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي، غريب عوام ٻه ويلا ته پري پر هڪ ويلو ماني به نٿو کائي سگهي. هن چيو ته بلدياتي اليڪشن بابت اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪئي آهي ته اليڪشن فيبروري يا مارچ ۾ ڪرائي وڃي ڇاڪاڻ ته پو رمضان شريف جو مهينو، بجيٽ ۽ گرمي جي موسم اچي ويندي. هن چيو ته هر سال 27 ڊسمبر تي ٿيندڙ سي اي سي جو اجلاس هاڻي جنوري جي پهرين هفتي ۾ ٿيندو، جنهن جي تاريخ ۽ جڳهه جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته عوام جيڪا عمران خان سان ڪئي آھي اھا ئي ڪافي آھي، آصف علي زرداري جڏھن ٿورو ٻاھر نڪتو ته ماڻھن جو رجحان ڏٺو ته عوام عمراني حڪومت مان بيزار لڳو پيو ھو. ھن چيو ته سياسي جماعتن سان ڳالھيون ٿي سگهن ٿيون، اسان ايم ڪيو ايم سان اتحادي حڪومت ٺاھي پر اھو تجربو سٺو نه رھيو ۽ ڪراچي جون حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون، جيڪڏهن پي ٽي آئي الطاف سان اتحاد ڪري ٿي ته ان جو جواب عمران خان ڏيندو، ايم ڪيو ايم پاڻ ئي الطاف حسين کان ڪناره ڪشي ڪري چڪي آهي ۽ ايم ڪيو ايم وارا الطاف حسين کي پنهنجو ليڊر مڃڻ کان ئي انڪار ڪري چڪا آهن. ھن چيو ته ايندڙ حڪومت پ پ جي ھوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button